حاجي امام الدين راشدي

حاجي امام الدين راشدي: حاجي سيد امام الدين ولد پير سيد رشيد الدين، پير پاڳارا خاندان جو هڪ اهم بزرگ ٿي گذريو آهي. هن پنهنجي والد جي تربيت هيٺ تصوف ۽ سلوڪ جون منزلون طئه ڪيون ۽ قادريه، راشديه طريقو اختيار ڪيو. فقهي طور اهل حديث ڏانهن رغبت هئس، پر عملي طور حنفي طريقي جو هو. هيءُ مذهبي علم تي عبور رکڻ سميت حڪمت جو پڻ وڏو ڄاڻو هو. ان کان سواءِ علم ڪيميا، علم رمل ۽ جفر جو به ماهر هو. طبعيت ۾ سخي ۽ مهمان نواز هو. ڪڏهن به پنهنجي در تان سائل کي خالي نه موٽايائين. هيءُ جوانيءَ کي رسيو ته پنهنجي والد بزرگ جي حڪم سان مشهور درگاهه ٺلاهه شريف ۾ وڃي رهيو ۽ اتي وڏي جماعت هن جي فيض مان فيضياب ٿي. هن 1904ع ڌاري حج ڪيو. مولانا عبيدالله سنڌي جڏهن 1901ع ڌاري ’مدرسه دارالرشد‘ جو بنياد وڌو، تڏهن ان جي انجمن شوريٰ جو هيءُ به ميمبر هو. 1931ع ڌاري گـُڙدن جي بيماري سبب وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو